رشيد گل

رشيد گل: والي بال راند جو مشهور رانديگر رشيد گل، ميرپورخاص جو ويٺل هو. کيس والي بال راند کيڏڻ ۾ مهارت حاصل هئي. هيءُ پنهنجي وقت جو مثالي رانديگر ٿي گذريو آهي. هيءُ وچ نيٽ تي کيڏندو هو. واليون به هڻندو هو. رشيد پنهنجي دوست مشتاق سان گڏ هميشه وچ نيٽ تي بيهي کيڏندو هو. کيس وچ نيٽ تي کيڏڻ قمرالدين چانڊيي سيکاريو، ۽ پهريون ڀيرو کيس 1952ع ۾ نيٽ تي کيڏايو. هن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ والي بال ٽورنامينٽن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪاميابي ماڻي. رشيد جو اسٽروڪ پڪو هو ۽ ڪلهي کان ڌڪ هڻڻ جو قابل رانديگر هو. هيءُ رنگ جو تيلو، قد جو ڊگھو، اکين ۾ ڏيا رکندڙ ۽ يار ويس ماڻهو هو. پوليس کاتي ۾ ملازمت ڪندو هو. پر طبيعت ۾ ٿرين واري نهٺائي، نرمائي ۽ پيار هوندو هوس. گمبٽ، ٽنڊي غلام علي ۽ ٽنڊي الهيار جي ٽورنامينٽن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چيمپيئن شپ جا اعزاز حاصل ڪيائين. محمد صالح ٽڳي سان زندگي ڀر راند کيڏي ساٿ نڀايائين. ائسوسيئيشن کان فيڊريشن تائين گڏجي جدوجهد ڪيائين. هيءُ انهن تنظيمن جو عهديدار به رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو